راشدي مظهرالدين شاهه

راشدي، مظهرالدين شاهه: مشهور عالم، حڪيم مظهر الدين شاهه جو جنم 1850ع ڌاري نامور عالم پير هدايت الله شاهه راشديءَ جي گھر ۾ تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ پنهنجي خداداد صلاحيتن جي بنياد تي پنهنجي لياقتن کي وڌائيندو رهيو. نامور محقق الهه رکيو ٻٽ ’سنڌي رسالن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”1899ع ۾ پير ابوالقاسم مظهرالدين جي ڪوشش سان ’مطبع مظهر العجائب‘ جي نالي سان هڪ ليٿو پريس قائم ٿي. ساڳئي سال اتان هڪ ماهوار سنڌي رسالو ’الاخوان المسلمينجاري ٿيو. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌي پريس ۽ سنڌي رسالي جو قيام ۽ اجراءِ پير مظهر الدين جو وڏو علمي ۽ ادبي ڪارنامو هو.“ هن رسالي ۾ قرآن، حديث، شرعي مسئلن تي مضمون ۽ شاعريءَ ۾ غزل وغيره شايع ٿيندا هئا. پير مظهرالدين کي ديني علم سان گڏوگڏ علم طب ۽ حڪمت تي به مهارت حاصل هئي. سندس هٿ ۾ شفا هئي. ماڻهن جو وٽس هميشه ميڙو لڳو پيو هوندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾: سنڌي ڪافين جو ڪلام، رساله در فن ڪيميا (فارسي)، مجربات مظهريھ، تڪبير الامامت، الفوائد الجمھ في احڪام العمامھ، الفوائد المهمھ للفوائد الجمھ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن. هن جولاءِ 1900ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ ٺلاهه شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو